سيارو ختم ٿيڻ باوجود گئس لوڊشيڊنگ ڇو پئي ٿئي؟ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف کي اپيل ڪئي آهي ته رمضان ۾ گئس بند نه ڪئي وڃي.مارچ ۾ سردي جي موسم ختم ٿيڻ  جي باوجود گئس جي لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ وفاقي حڪومت کي ان جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪي-اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي پنهنجا انتظام بهتر بڻائڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.