اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڏوهه ڪنهن به ڪيو هجي سزا ته ٿيڻ گهرجي، ٽرائل ڪٿي به ٿئي ڪهڙو فرق ٿو پئي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ملٽري ڪورٽ مان ڪيترا ماڻهو آزاد ٿيا؟ وڪيل فيصل صديقي چيو ته 105 جوابدار هئا، جن مان 20 آزاد ٿيا، جڏهن ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 20 کانپوءِ وڌيڪ 19 آزاد ٿيا ۽ هن وقت جيلن ۾ 66 جوابدار آهن.
جسٽس جمال مندوخيل دليل ڏنا ته ڏوهه ڪنهن به ڪيو هجي سزا ته ٿيڻ گهرجي، ٽرائل ڪٿي به ٿئي ڪهڙو فرق ٿو پئي، وڪيل فيصل صديقي جواب ڏنو ته ٽرائل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، هڪ ٽرائل آزاد آهي ٻيو ملٽري ۾ آهي.
ڪيس ۾ سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿي ويا، پوءِ آئيني بينچ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سويلينز جو ملٽري ٽرائل: سزا ته ٿيڻ گهرجي، ٽرائل ڪٿي به ٿئي ڪهڙو فرق ٿو پئي: آئيني بينچ جج
You might also like