” لگان “ ۽ ” منا ڀائي ايم بي بي ايس“ جي هيروئن سنياس وٺي ڇڏيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلمن ”لگان“ ۽ ”منا ڀائي ايم بي بي ايس“ جي هيروين گريسي سنگهه ڪيترن ئي سالن جي گمنامي کان پوءِ ٻيهر منظرِعام تي اچي وئي.
مختلف فلمن ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ گريسي سنگهه آخري ڀيرو 2021ع ۾ هڪ ٽي وي ڊرامي ۾ نظر آئي هئي.
هاڻي ورهين پڄاڻان هوءَ فلم ”لگان“ جي هدايتڪار آشوتوش گواريڪر جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتي، جتي هن فلم جي هيرو عامر خان سميت ٻين ڪاسٽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي، شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون آهن.
ادڪارا گلابي لهنگي ۾ شادي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اتي موجود صحافين ۽ پاپارازي به گريسي کي ڏسي حيران رهجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، گريسي سنگهه سنياس وٺي چڪي آهي ۽ انڪري ئي اڄ تائين هن شادي به ناهي ڪئي، پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.