ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ رمضان المبارڪ دوران بينڪن جي نون وقتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بينڪ موجب، رمضان ۾ سومر کان خميس تائين بينڪون صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته جمعي تي بينڪون صبح 9 وڳي کان ساڍي ٻارهين وڳي تائين ڪم ڪنديون.
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته پبلڪ ڊيلنگ جو وقت سومر کان خميس صبح 9 وڳي کان 2 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته جمعي تي صبح 9 وڳي کان ساڍي ٻارهين وڳي تائين عوام لاءِ بينڪون کليل رهنديون.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج به رمضان المبارڪ لاءِ نئون شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
شيڊيول موجب، سومر کان خميس صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين ڪاروباري سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته جمعي تي آفيس وقت صبح 9 وڳي کان 2 وڳي تائين هوندو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري وقت سومر کان خميس صبح 9 لڳي 17 منٽن کان ڏيڍ وڳي تائين ۽ جمعي تي صبح 9 لڳي 17 کان ساڍي ٻارهين وڳي تائين هوندو.
You might also like