روهت جي وزن تي ڪانگريس ۽ بي جي پي ۾ لفظي جنگ ڇڙي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي وزن بابت بيان ڏيڻ تي ڪانگريس ۽ بي جي پي وچ ۾ لفظي جنگ ڇڙي وئي.
ڪانگريس جي ترجمان ڊاڪٽر شمع محمد روهت شرما کي ”ٿلهو“ قرار ڏيندي سندس فٽنس ۽ ڪپتاني تي سوال اُٿاريا.
نيوزيلينڊ خلاف 15 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته روهت شرما جو وزن وڌي ويو آهي ۽ هو تاريخ جو سڀ کان غير متاثر ڪندڙ ڪپتان آهي، کيس پنهنجي وزن گهٽائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شمع محمد جي بيان تي سخت ردعمل آيو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي بي جي پي ترجمان ڪانگريس تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي پهريان ملڪ جي مخالفت ڪندا هئا، هاڻي ٽيم جي مخالفت ڪري رهيا آهن.
بي جي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪانگريس راهول گانڌي جي ڪپتاني ۾ 90 چونڊون هارائي چڪي آهي، هاڻي هو روهت شرما جي ڪپتاني کي غير متاثر قرار ڏئي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن به ڪانگريس جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي غير مناسب قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.