هلندڙ سال رمضان المبارڪ دوران سڀ کان ڊگهو روزو سوئيڊن ۽ ناروي ۾ آهي، جڏهن ته سڀ کان ننڍو روزو ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي ۾ آهي.
سوئيڊن ۽ ناروي ۾ روزي جو دورانيو ساڍا 20 ڪلاڪ، جڏهن ته گرين لينڊ ۽ آئس لينڊ ۾ روزو 20 ڪلاڪ ڊگهو آهي.
روزي جو گهٽ کان گهٽ دورانيو چلي ۾ آهي، جتي روزو رڳو 11 ڪلاڪن جو آهي، عرب ملڪن ۾ سڀ کان ڊگهو روزو الجزائر ۾ آهي، جنهن جو دورانيو 16 ڪلاڪ 44 منٽ آهي.
سعودي عرب، آمريڪا ۽ ترڪيه ۾ روزي جو دورانيو 13 ڪلاڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ روزي جو دورانيو 12 ڪلاڪ 58 منٽ آهي.
برازيل، ڏکڻ آفريقا، ارجنٽائن، نيوزيلينڊ، گڏيل عرب امارتن، ڀارت ۽ انڊونيشيا ۾ روزو ساڍا 12 ڪلاڪ ڊگهو آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جا وقت مختلف هجڻ سبب روزي جي دورانيي ۾ به فرق هوندو آهي.
You might also like