سعودي عرب:رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو

رياض ( ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ 1446 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مڪي پاڪ، مديني شريف، تبوڪ، سدير ۽ ٻين شهرن ۾ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيا، جن ۾ موسمياتي ۽ فلڪياتي ماهرن شرڪت ڪئي.
سعودي ميڊيا ٻڌايو آهي ته سعودي عرب جي علائقن سدير ۽ تمير ۾ چنڊ نظر آيو.
چنڊ نظر اچڻ بعد سعودي عرب ۾ سڀاڻي، پهرين مارچ تي پهريون روزو رکيو ويندو. سعودي سپريم ڪورٽ ٿوري دير ۾ سرڪاري اعلان جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.