لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ افغانستان جي ميچ دوران گرائونڊ ۾ داخل ٿيندڙ تماشائي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، گذريل ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران تماشائي فضل محمود انڪلوزر جو جهنگلو ٽپي ميدان ۾ ڪاهي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته تماشائي کي گلبرگ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار سيڪيورٽي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي آهي.
You might also like