ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع ڀارت بدران گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هلندڙ سال سپٽيمبر ۾ ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ جو گهڻو امڪان آهي، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي ميزباني ڀارت وٽ آهي.
رپورٽ موجب، ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ايشيا ڪپ جي حتمي وينيو بابت فيصلو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪندي.
ايشيا ڪپ جي ميچن لاءِ هن وقت سريلنڪا ۽ گڏيل عرب امارتن جا آپشن غور هيٺ آهن، پر ڪنهن هڪ کي اڃا حتمي شڪل نه ملي آهي.
رپورٽ موجب، ايشيا ڪپ ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو، جنهن ۾ فائنل سميت ڪُل 19 ميچون کيڏيون وينديون.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت مجموعي طور اٺ ٽيمون شرڪت ڪنديون.