فوجي جهاز ڪِري تباهه، 46 ڄڻا اجل جو شڪار

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ويجهو هڪ فوجي جهاز ٽيڪنيڪي خرابي سبب ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 46 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حادثو اڱاري ڏينهن پيش آيو، جهاز اوچتو خرابيءَ جو شڪار ٿي ڪِري پيو. حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ فوجي اهلڪارن سميت عام شهري به شامل آهن.
مقامي ذريعن موجب، فوجي جهاز هڪ عام شهريءَ جي گهر مٿان ڪري تباهه ٿيو، جنهن سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿيو.
ياد رهي ته سوڊان 2023 کان گهرو ويڙهه جو شڪار آهي، جتي سوڊاني فوج ۽ اڳوڻي اتحادي هٿياربند تنظيم ريپڊ سپورٽ فورس (آر ايس ايف) وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.