مرد پنهنجي وارن جي سار سنڀال ڪيئن ڪن؟ طريقا ڄاڻيو

عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد پنهنجي وارن جو خيال گهٽ ڪندا آهن، نتيجي ۾ انهن جا وار اڻڀا، بي جان ۽ بي رونق ٿي ويندا آهن.
گهڻا ماڻهو وارن جي سار سنڀال لاءِ ڪيميڪل جو استعمال ڪندا آهن پر ان جا ناڪاري اثر به آهن، تنهن ڪري گهريلو ٽوٽڪا آزمايو.
بادام ۽ زيتون جي تيل کي گڏائي وارن تي لڳايو ۽ 20 منٽن تائين ڇڏي ڏيو، پوءِ شيمپو سان مٿو ڌوئي ڇڏيو.
ان کانسواءِ ناريل جي تيل ۾ ڪيلو ۽ ماکي مڪس ڪري 20 منٽن تائين لڳائي ڌوئي ڇڏيو.
ٽيون طريقو اهو آهي ته ناريل جي تيل ۾ ٽماٽي جي رس وجهي ان کي 15 منٽ لڳائي ڇڏيو، پوءِ ڌوئي ڇڏيو، اڌ ڪلاڪ بعد ڪنوار ٻوٽي جي رس شيمپو ۾ مڪس ڪري ڌوئي وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.