سنڌي ڪرڪيٽرن لاءِ آواز اٿاريو آهي، محسن نقوي سان ملندس: محمد بخش مهر

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) سنڌ جي زراعت ۽ راندين واري وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته اسان سنڌ جي ڪرڪيٽرن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پي سي بي چيئرمين سان ملندس.
زرعي ميلي جي افتتاحي تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي محمد بخش مهر چيو ته بينظير هاري ڪارڊ لاءِ آن لائن رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، ڪارڊ ذريعي هارين کي زرعي اوزار، مشينري، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.
هن چيو ته اسان نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهيون، سنڌ جو بورڊ آءِ سي سي قبول ڪري نه ڪري، سوال اهو آهي ته ڇا پي سي بي قبول ڪندي.
سندس چوڻ هو عام تاثر آهي ته ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي نه پر پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي آهي، چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.