ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن کانپوءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه اهم قدم کڻي ورتو، جنهن سان حادثن ۾ گهٽتائي ايندي.
پير محمد شاهه ڊمپرن ۾ فرنٽ ۽ ريئر ويو ڪيمرا لڳائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو، فرنٽ ۽ بيڪ ڪيمرا سان حادثي جي ذميوار جو پتو لڳائي سگهبو.
روڊ تي هلندڙ ڊمپرن ۾ ٽريفڪ به لڳايو ويندو، جنهن لاءِ ڊمپر مالڪن کي 15 ڏينهن ۾ سسٽم لڳائڻ جي مهلت ڏني وئي آهي.
ان حوالي سان ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ڊمپرز ايسوسيئيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايسوسيئيشن عهديدارن قدم کڻڻ جي حامي ڀري ورتي.
ٽريڪر ذريعي ڊمپر جي اوور اسپيڊنگ جو پتو لڳي سگهندو، جڏهن ته ٽريڪر ڪنٽرول سسٽم ڊي آءِ جي ٽريفڪ آفيس ۾ لڳايو ويندو.
ان حوالي سان پير محمد شاهه ٻڌايو ته ڊمپر جي اوور اسپيڊنگ تي فوري طور چالان ٿيندو، ڊجيٽل مانيٽرنگ قدمن سان حادثن گهٽ ٿيندا، تجربو ڪامياب رهيو ته سڀني هيوي گاڏين ۾ سسٽم لڳرائينداسين.
Next Post
You might also like