مهاجر قومي موومينٽ جو چيئرمين آفاق احمد سينٽرل جيل مان آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ڪيو ويو.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه سرجاڻي ٽائون ۾ ٽينڪر ساڙڻ جي ڪيس ۾ آفاق احمد جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي هئي.
آفاق احمد خلاف ٽينڪر ساڙڻ بابت ٽئين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سرجاڻي ٽائون ۾ داخل ڪيس ۾ آفاق احمد جي ضمانت منظور ڪندي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته 21 فيبروري تي مهاجر قومي موومينٽ جي سربراهه کي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت کانپوءِ ٽئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.