ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا ۽ سندس گهرواري سُنيتا آوهوجا جي شاديءَ کي 37 سال مڪمل ٿيڻ بعد طلاق جون خبرون سامهون آيون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي وچ ۾ علحدگيءَ جا معاملا آخري مرحلي ۾ آهن.
ان حوالي سان افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته گووندا جو هڪ 30 سالن جي مراٺي اداڪارا سان مبينا افيئر آهن جيڪو ٻنهي جي طلاق جو سبب بڻجي رهيو آهي.
اهڙين خبرن تي گووندا يا سنيتا طرفان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته گووندا ۽ سنيتا 1987 ۾ شادي ڪئي هئي، جڏهن گووندا فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هو، جوڙي کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.
You might also like