چيمپيئنز ٽرافي ۾ رڳي ڀارتي ٽيم کي فائدو، ڪمنز جي آءِ سي سي تي تنقيد

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جون سڀ ميچن کي دبئي ۾ رکڻ تي خدشا ظاهر ڪندي، آءِ سي سي جي ان فيصلي کي غير منصفاڻو قرار ڏئي ڇڏيو
پيٽ ڪمنز چيو ته ڀارتي ٽيم لاءِ هڪ ئي ميدان تي کيڏڻ جو وڏو فائدو آهي، جڏهن ته ٻين ٽيمن کي گروپ ميچن لاءِ دبئي جو سفر ڪرڻو پئجي رهيو آهي.
هن آءِ سي سي جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙي انتظامي پاليسي ٽورنامينٽ جي برابريءَ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي.
آسٽريلوي ڪپتان وڌيڪ چيو ته ڀارت اڳ ئي هڪ سگهاري ٽيم آهي، ۽ هاڻي هڪ ئي ميدان تي کيڏڻ جو اضافي فائدو به ان کي ملي رهيو آهي.
ياد رهي ته پيٽ ڪمنز انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ اسٽيو سمٿ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.