ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي بدترين ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
خانگي ٽي وي تي ميچ کان پوءِ پنهنجي تجزئي ۾ وسيم اڪرم ٽيم جي ناقص حڪمت عملي ۽ غير اثرائتي ڪارڪردگي تي ڇتي تنقيد ڪئي.
وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم کي هارائڻ جي عادت پئجي وئي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ اهڙا رانديگر ڳوليا وڃن
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 5 يا 6 وڏن نالن کي ٽيم مان ڪڍڻو به پوي ته ڪڍو ۽ ڀلي هارايون، پر نون رانديگرن کي مڪمل موقعو ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني بالرن پنجن ميچن ۾ مجموعي طور تي رڳو 24 وڪيٽون ورتيون، سندن ايوريج 60 رهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
اڳوڻي ڪپتان ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيوته ته 2026ع واري ورلڊ ڪپ لاءِ هاڻي کان ئي تياريون شروع ڪرڻيون پونديون ڇو ته موجوده رانديگرن کي کوڙ موقعا ڏنا ويا آهن.
وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته 2024 14 ٽيمن ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي جنهن ۾ عمان ۽ آمريڪا جهڙيون نيون ٽيمون به شامل هيون پر پاڪستان جي بالنگ دنيا جي ٻيو نمبر بدترين بالنگ رهي.
سندس چوڻ هو ته پي سي بي چيئرمين، سليڪشن ڪميٽي، ڪوچ ۽ پنج ليجنڊز کي گهرجي ته هو هاڻي وضاحت ڏين ته هنن آخر ڪهڙي بنياد تي هيءَ ٽيم سليڪٽ ڪئي هئي؟
وسيم اڪرم چيوته اسان رڙيون ڪندا رهياسين ته هي اسڪواڊ صحيح ناهي، هڪ ڏينهن باقي هو پوءِ به ڦيرڦار نه ڪئي وئي، هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ اجلاس کانپوءِ ساڳي ٽيم برقرار رکي وئي.
هن ڪپتان کي به ذميوار قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪپتان کي ئي خبر نه هجي ته پنهنجي ڪنڊيشنز ۾ ڪهڙا ميچ ونر گهربل آهن، ته پوءِ اها شرم جوڳي ڳالهه آهي.
وسيم اڪرم موجب، دبئي اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني شوقين رڳو 8 کان 10 سيڪڙو موجود هئا پر 17هين اوور تائين اُهي به ميدان ڇڏي ويا.
You might also like