اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
فيصل ڪريم ڪنڊي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته 21 جون 2008 ۾ ان وقت جي وزيراعظم ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکڻ جو اعلان ڪيو هو، 17 جولاءِ 2008 ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان پڌرائي به جاري ڪئي وئي پر عملدرآمد نه ڪيو ويو.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو سان منسوب ڪرڻ محترمه کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، صدر ۽ وزيراعظم کي اپيل ٿي ڪجي ته عوامي مطالبي تي درخواست ٿو ڪيان ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون وڃن.
You might also like