شادي ڪيو نه ته گهر وڃو: ڪمپني جي ملازمن کي ڌمڪي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني جو پنهنجي ملازمن کي ڌمڪي جوڳو نوٽس وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هو سيپٽمبر جي آخر تائين غير شادي شده رهيا ته کين نوڪري تان هٽايو ويندو.
مقامي ميڊيا موجب شيڊونگ شونٽيان ڪيميڪل گروپ ڪمپني 1200 ملازمن کي نوٽيس جاري ڪيو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اهي چڱي ريت ڪم ڪن ۽ فيملي قائم ڪن.
نوٽيس ۾ طلاق يافتا ماڻهن سميت 28 سالن کان 58 سالن جي عمر جي سنگل ملازمن کي هن سال سيپٽمبر جي آخر تائين شادي ڪرڻ ۽ آباد ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي جون جي آخر تائين شادي نٿا ڪن ته ڪمپني ان جو تجزيو ڪندي، جيڪڏهن اهي سيپٽمبر جي آخر تائين سنگل رهيا ته کين ڪڍيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.