رمضان المبارڪ کان اڳ گڏيل عرب امارتن جو پاڪستاني عوام لاءِ تحفو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن طرفان رمضان المبارڪ کان اڳ پاڪستان ۾ حقدار خاندانن ۾ راشن جي ورهاست شروع ڪئي وئي.
يو اي اي قونصل خاني ورهين کان پنهنجي روايت برقرار رکندي رمضان کان اڳ 3 هزار کان وڌيڪ حقدار خاندانن ۾ شيخه فاطمه طرفان راشن جي ورهاست جي شروعات ڪاٺوڙ کان ڪئي.
ڪراچي ۾ 3 هزار کان وڌيڪ حقدار خاندانن کي راشن جا ٿيلها پهچايا ويا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هزارين خاندانن ۾ راشن ورهايو ويندو.
اماراتي قونصل جنرل موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ رمضان جو پيغام هڪٻئي جي مدد ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.