ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات کانپوءِ سيءُ موٽي آيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب سيءُ موٽي آيو.
موسميات کاتي موجب اتر اوڀر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ اتر اولهه بلوچستان ۾ ڪجهه جاين تي مينهن وسيو آهي.
مٿانهن علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ جي لهر برقرار آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد گهٽجي ويو آهي.
ڪالام ۾ ڪاٽو 4، مالم جبه ڪاٽو 3، راولاڪوٽ ۽ مري ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
لاهور ۾ رات دير سان هلڪي برسات کانپوءِ موسم ٿڌي ٿي وئي، ڪراچي ۾ موسم جهڙالي، جڏهن ته صبح ۽ رات جو موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.