ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيلي ڪام ڪمپني پي ٽي سي ايل پاڪستان جي ڊجيٽل ۽ ٽيلي ڪام نظام جي سڌاري لاءِ پاڪستان کي آفريقا-1 سب ميرين ڪيبل سان ڳنڍي ڇڏيو.
وڏي مقدار ۾ ڊيٽا ٽرانسميشن جي صلاحيت رکندڙ سب ميرين ڪيبل آفريقا-1 ڪراچي ۾ پي ٽي سي ايل ايڪسچينج سان ڳنڍي وئي آهي.
پي ٽي سي ايل آفريقا-1 ڪيبل سسٽم ڪنسورشيم ۾ شموليت لاءِ باضابطا معاهدو ڪري چڪي آهي ته جيئن عالمي ڊجيٽل مرڪزن سان پاڪستان جي رابطن ۽ قومي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڍانچي کي مضبوط ڪري سگهجي.
ڏهه هزار ڪلوميٽر ڊگهي ان ڪيبل سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجيون شامل آهن، جيڪي پاڪستان کي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، مصر، سوڊان، الجيريا، فرانس، ڪينيا ۽ جبوتي جهڙن اسٽرٽيجڪ اهميت رکڻ وارن هنڌن سان ڳنڍينديون.
واضح رهي ته آفريقا-1 ڪيبل سسٽم 2026 جي شروعات ۾ فعال ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ واهپيدارن کي عالمي معيار جي انٽرنيٽ سهولت حاصل ٿيندي.
Prev Post
You might also like