ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته ڊي ريگوليشن جي صورت ۾ اسان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالسميع خان چيو ته اسان جي صنعت تباهي ڪناري آهي، پيٽروليم وزير کي پيٽروليم انڊسٽري جي خبر ئي ناهي، حڪومت قابل ماڻهن کي آڻي.
هن چيو ته حڪومت ٽن سالن کان پيٽروليم صنعت ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر اسان مزاحمت ڪئي، جڏهن اسان هڙتال ڪئي ته مون کي ڌمڪايو به ويو پر پوءِ حڪومت چيو ته ڊي ريگوليشن لاءِ توهان سان مشاورت ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ڊي ريگوليشن سبب اسمگلڊ شين جي آمد ۾ واڌ ٿيندي، صنعت ته تباهه ٿيندي پر گاڏين جون انجڻيون به خراب ٿينديون، ڇو ته اسمگلڊ تيل ريفائنڊ ناهي هوندو.
عبدالسميع خان چيو ته اسان پيٽروليم واري وزير کي خط لکيو آهي، چاهيون ٿا ته ڊي ريگوليشن نه ٿئي، ٻي صورت ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين، عدالت جو در کڙڪائڻ سان گڏ روڊن تي به اينداسين.
You might also like