ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نوجوان مصطفيٰ عامر جي ڇرڪائيندڙ قتل ڪيس ۾ جاچ اختيارين اهم اڳڀرائي ڪندي مشهور ٽي وي اداڪار ساجد حسن جي پٽ سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
اهي گرفتاريون ڊفينس جي مختلف علائقن ۾ آپريشن دوران ڪيون ويون ۽ گرفتار ٿيلن وٽان منشيات برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب گرفتار ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، کانئن مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ ٿيندڙ سرگرمين جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته منشيات جي ڪاروبار ۽ ان جي استعمال ۾ ملوث ماڻهن خلاف سڄي ڪراچي ۾ ڪارروائيون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي شڪين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like