لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي چوٿين ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 351 رنسون ٺاهيون.
بين ڊڪيٽ 165 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جو روٽ 68، جوز بٽلر 23، آرچر 21، جمي سنٿ 15، ليونگسٽن 14 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان بين ڊورشس 3، ايڊم زمپا، لبوشين 2-2، جڏهن ته ميڪسويل هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريليا گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 47.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو، جوش انگلس 120 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ايليڪس ڪيري 69، ميٿيو شارٽ 63، لبوشين 47، ميڪسويل 32 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جي مارڪ ووڊ، جوفرا آرچر، بريڊن ڪارس، عادل رشيد، ليام ليونگسٽن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like