دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو سڀ کان وڏو مقابلو سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.
روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽورنامينٽ جي پنجين ميچ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻه وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀارت کي لازمي هارائڻو پوندو، جنهن لاءِ قومي ٽيم سخت تياري ڪئي آهي.
ماضي ۾ ٻنهي ٽيمن چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنج ڀيرا هڪ ٻئي سان مقابلو ڪيو، جتي پاڪستان ٽي ۽ ڀارت ٻه ميچون کٽيون.
ذريعن موجب، اهم مقابلي لاءِ قومي ٽيم جي حتمي چونڊ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ميچ لاءِ رڳو هڪ تبديلي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف ميچ ۾ انجرڊ فخر زمان جي جاءِ تي امام الحق کي شامل ڪيو ويندو، باقي پليئنگ اليون ساڳي رهندي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ڀارت بنگلاديش کي ڇهن وڪيٽن تان هارايو هو.
You might also like