”عمران خان ملڪ ۾ فرعون جيان ڪم ڪري رهيو هو“

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ملڪ ۾ فرعون جيان ڪم ڪري رهيو هو، اهو سڀني کي ياد آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته 9 مئي واقعن پويان هڪ ئي شخص هو، جيڪو عمران خان آهي، پي ٽي آءِ ڏڦيڙ ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي، اڳوڻي وزيراعظم جي هدايت تي ماڻهو شرپسندي ڪندا آهن.
هن چيو ته عمران خان پرڏيهي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪيو، اسرائيل لابي طرفان عمران خان جي حمايت سواليا نشان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.