چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل ڪهڙين ٽيمن ۾ ٿيڻ گهرجي؟ ڀارتي رانديگرن ٻڌائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽرن چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ پاڪستان سان مقابلي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ڀارتي ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ جو فائنل ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن پاڪستان خلاف ٿيڻ گهرجي.
ڀارتي آل رائونڊر اڪشر پٽيل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فائنل پاڪستان خلاف ٿئي ته سڀني لاءِ مزو ايندو، شوقين به اهڙي مقابلي مان گهڻو لطف وٺندا.
فاسٽ بالر محمد شامي چيو ته فائنل کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان مقابلو ٿيڻ گهرجي، پر موجوده صورتحال ۾ نيوزيلينڊ فائنل جي لاءِ مضبوط اميدوار نظر اچي رهي آهي.
آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا جو چوڻ هو ته رڳو ڀارت فائنل ۾ پهچي، باقي ڪهڙي به ٽيم مقابلو ڪري، فرق نه ٿو پوي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 23 فيبروري تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.