چولستان ڪينال لاءِ پاڻي فراهمي جي منظوري، ارسا سنڌ جي ميمبر جو اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان نون ڪينالن ڪڍڻ خلاف جاري احتجاجي تحريڪ باوجود انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ارسا سيڪريٽري پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، ارسا جي منظوري کانپوءِ پنجاب حڪومت ستلج سليمانڪي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍندي.
ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو.
ٻئي پاسي ارسا جي سنڌ مان ميمبر احسان لغاري چولستان ڪينال منصوبي لاءِ پاڻي فراهمي جي فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي.
احسان لغاري پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته هو سيڪريٽري ارسا طرفان چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ جي منظوري سان متفق ناهي.
سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري ارسا طرفان پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سنڌ سان ناانصافي آهي.
احسان لغاري جو چوڻ هو ته چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ سان سنڌ درياهه جو پاڻي گهٽجي ويندو ، جڏهن ته سيڪريٽري ارسا جنهن پاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو رڳو ستلج درياهه جو نه آهي
هن ٻڌايو ته سليمانڪي هيڊ ورڪس مان لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي ورتو ويندو، جيڪو سنڌو درياهه جي وهڪرن تي اثرانداز ٿيندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چولستان ۾ ”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات ڪئي وئي، تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي.
ٻئي پاسي سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف مختلف پارٽين طرفان احتجاجي تحريڪ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.