روهت شرما ڪيچ پڪڙڻ ۾ ناڪام، اڪشر پٽيل ڇا چيو؟

دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش کي 6 وڪيٽن تان هارائي ٽورنامينٽ جي فتح سان شروعات ڪري ڇڏي.
دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ ڀارت سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري بنگلاديش کي شڪست ڏني.
ميچ ۾ ڀارتي اسپنر اڪشر پٽيل 9 اوورن ۾ 43 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون.
ميچ دوران روھت شرما کان اڪشر پٽيل جي هيٽ ٽرڪ جو موقعو وڃائي ڇڏيو، روهت شرما هيٽرڪ بال تي هٿ ۾ آيل ڪيچ پڪڙڻ ۾ ناڪام رهيو.
ميچ کانپوءِ کائنس پڇيو ته ان موقعي تي هن جا ڪهڙا تاثر هئا؟ جنهن جي جواب م اڪشر پٽيل چيو ته مون سمجهيو ته منهنجي هيٽ ٽرڪ پڪي آهي، پر روھت ڪيچ ڊراپ ڪري ڇڏيو، پر اِهو سڀ راند جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.