چيف جسٽس سان پي ٽي آءِ وفد جي ملاقات، پڌرائي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 7 رڪني وفد چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عدالتي سڌارن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. چيف جسٽس پي ٽي آءِ وفد جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، عدالتي سڌارن بابت مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري جي حڪمت عملي تحت چيف جسٽس پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي به دعوت ڏني هئي. پي ٽي آءِ وفد چيف جسٽس سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.
پي ٽي آءِ جي وفد ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، بئريسٽر گوهر علي خان، بئريسٽر علي ظفر، بئريسٽر سلمان اڪرم راجا، لطيف کوسا، ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ شامل هئا.
ملاقات دوران چيف جسٽس وفد کي ٻڌايو ته هو وزيراعظم سان به ملاقات ڪري چڪو آهي، جتي عدالتي سڌارن بابت حڪومت جي راءِ طلب ڪئي وئي، وزيراعظم ان عمل جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.
چيف جسٽس ٻڌايو ته قانون ۽ انصاف ڪميشن کي ملڪ جي بار ڪائونلسن، عوام ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽس کان فيڊ بيڪ ملي چڪو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرارن ۽ صوبائي جڊيشل اڪيڊميز جي راءِ به جلد ملڻ جو امڪان آهي.
وزيراعظم ٽيڪس ڪيسن جي عدالتن ۾ التوا تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس يقين ڏياريو ته ٽيڪس ڪيسن جي تڪڙي نبيرڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جي مجموعي تعداد ۾ گهٽتائي سندن پهرين ترجيح آهي.
چيف جسٽس يحيٰٰ آفريدي تجويز ڏني ته عدالتي سڌارن کي هڪ گڏيل قومي ايجنڊا بڻائڻ گهرجي، جنهن لاءِ ٻنهي پاسن کان حمايت لازمي آهي.
ملاقات دوران قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو.
هن شڪايت ڪئي ته اپوزيشن اڳواڻن جي ڪيسن کي هڪ ئي وقت مختلف عدالتن ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب پيش ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
عمر ايوب اهو به چيو ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، جيل اختيارين عدالتن جي حڪمن تي عمل نه پيا ڪن ۽ پارٽي جي وڪيلن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن سان سندن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.
پي ٽي آءِ جي وفد ملڪ ۾ امن و امان جي خراب صورتحال تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ تسليم ڪيو ته عدليه ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
وفد جو موقف هو ته عوام کي حقيقي ريليف تڏهن ملندو، جڏهن ضلعي عدليه التوا هيٺ ڪيسن کي اثرائتي طريقي سان نبيرڻ جو عمل تيز ڪندي.
سينيٽر بئريسٽر علي ظفر تجويز ڏني ته پي ٽي آءِ کي قانون ۽ انصاف ڪميشن جي پاليسي سفارشن تي جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهرجي.
هن فوجداري انصاف ۽ ڪيسن جي حل لاءِ به ڪجهه اهم تجويزون پيش ڪيون ۽ وڌيڪ سفارشون وقت سان گڏ مهيا ڪرڻ جو اشارو ڏنو.
پي ٽي آءِ وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن دوران رجسٽرار محمد سليم خان ۽ قانون و انصاف ڪميشن جي سيڪريٽري تنزيلا صباحت چيف جسٽس جي مدد ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.