عام آدمي پارٽي جو سج لهي ويو، ڀارتيا جنتا پارٽي جي ريکا گپتا دهلي جي نئين وزيراعليٰ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتيا جنتا پارٽي جي ريکا گپتا دهلي جي نئين وزيراعليٰ طور حلف کڻي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پهريون ڀيرو اسيمبلي ميمبر بڻجندڙ ريکا گپتا وزيراعظم نريندر مودي جي موجودگي ۾ دهلي جي وزارت اعليٰ جو حلف کنيو، جنهن کانپوءِ هوءَ دهلي جي چوٿين عورت وزيراعليٰ بڻجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ريکا گپتا سان گڏ سندس ڪابينا ۾ شامل 6 وزيرن به پنهنجي عهدن جو حلف کنيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ دهلي ۾ اروند ڪجريوال جي عام آدمي پارٽي جي حڪومت هئي ۽ ڪجريوال عدالتن ۾ ڪيسن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.