عرفي جاويد کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي ماڻهو تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا!

ڀارت جي تڪراري اداڪارا عرفي جاويد جي برائيڊل فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو.
عرفي جاويد تازو مشهور ڀارتي فيشن ڊزائينر جي برائيڊل ڪمپين ۾ حصو ورتو، هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪنوار بڻجڻ جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن وزني لهنگو پاتو آهي.
برائيڊل فوٽو شوٽ دوران عارفي جاويد کي پاتل جيولري جي به تعريف ٿي رهي آهي.
اداڪارا جي ان وڊيو تي واهپيدار مختلف ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن، هڪ واهپيدار لکيو ته اهو عرفي جو هيل تائين ڪرايل سڀ کان بهترين فوٽو شوٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.