لاهور (ويب ڊيسڪ) ميو اسپتال ۾ لفٽ ڪرڻ سان ٽن نرسن جون ڄنگهون ڀڄي پيون.
ميو اسپتال لاهور ۾ لفٽ ڪري پئي، جنهن ۾ موجود ٽن نرسن جي ڄنگهن ۾ فريڪچر ٿي ويو، زخمي نرسن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويو.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته لفٽ پراڻي هجڻ سبب ڪري، واقعي ۾ ڪل 11 عورتون زخمي ٿيون، زخمين ۾ 9 نرسون، هڪ شاگرد ۽ هڪ مريض جو وارث شامل آهن.
هوڏانهن صحت واري صوبائي وزير خواجا سلمان رفيق واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
You might also like