“ ماءُ جي قبر تي وڃي سمهي پوندو هئس“ محسن عباس جذباتي ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار محسن عباس حيدر پنهنجي ماءُ جي وفات جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي ويو.
هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت دوران، هن مردن ۾ ڊپريشن ۽ سندن احساسن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هن چيو ته مردن کي ايترو مضبوط سمجهيو ويندو آهي جو جيڪڏهن گهر ۾ ڪو فوت به ٿي وڃي، تڏهن به کين اِها ڳڻتي هوندي آهي ته چادر ڪٿي وڇائڻي آهي، ديڳون ڪيتريون گهرجن يا قبر ڪٿي ٺهندي، حقيقت ۾ مردن کي اهڙن موقعن تي روئڻ لاءِ به وقت ناهي ملندو.
محسن عباس ٻڌايو ته سندس ماءُ سندس هٿن ۾ دم ڏنو، جنهن کانپوءِ هو ذهني طور ايڏو ته مفلوج ٿي ويو جو رات جو دير سان ماءُ جي قبر تي وڃي سمهي پوندو هو.
هن وڌيڪ چيو ته کيس لڳندو هو ته هو ماءُ کانسواءِ جيئرو نه رهي سگهندو، پر پوءِ پيءُ جي وفات کيس وڌيڪ پوڙهو ڪري ڇڏيو.
محسن عباس جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ هو گهر ۾ سڀ کان ننڍو آهي، پر ننڍپڻ کان ئي کيس وڏو ٿيڻ جو احساس ڏياريو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته ”اڄ به والد کي ياد ڪري روئي نه ٿو سگهان، ڇو ته مان نه ٿو چاهيان ته منهنجو پٽ ۽ ڀاڻيجا مون کي اهڙي حالت ۾ ڏسن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.