بنگلاديش جي يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ شاگرد وڙهي پيا، 150 زخمي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي هڪ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ جهڙپن دوران 150 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهڙپون ان وقت شروع ٿيون، جڏهن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي يوٿ ونگ ”کلنا يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي“ ۾ شاگردن جي رڪنيت سازي جي ڪوشش ڪئي، ان جي نتيجي ۾ شاگرد اتحاد ”اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪريمينيشن“ جي ميمبرن سان جهيڙو شروع ٿي ويو.
هي اهو احتجاجي گروپ آهي، جنهن گذريل سال آگسٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي معزول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو.
کلنا جي پوليس آفيسر ڪبير حسين موجب صورتحال هاڻ ضابطي ۾ آهي ۽ پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻنهي گروپن تشدد شروع ڪرڻ جو الزام هڪٻئي تي لڳايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.