نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر روي چندرن ايشون چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ اسپنرن جي گهٽائي تي حيرت جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پنهنجي يوٽيوب چينل تي گفتگو ڪندي روي چندرن ايشون چيو ته چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ 5 اسپنرن جي سليڪشن سمجهه کان ٻاهر آهي، ان جي ڪري ئي اهم بيٽر جيسوال کي اسڪواڊ کان ٻاهر ڪرڻو پيو.
هن چيو ته ٽيم پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏندي ۽ اسڪواڊ ۾ ڪلديپ ياديو، اڪشر پٽيل، ورون چڪرورتي، رويندرا جديجا ۽ واشنگٽن سندر کي شامل ڪيو ويو، ڇا ايڏا اسپنر اثرائتا ثابت ٿيندا؟
سندس چوڻ هو ٻه ليفٽ آرم اسپنر بهترين آل رائونڊر آهن، تنهن ڪري اڪشر ۽ جديجا ته کيڏندا، ائين پيس اٽيڪ ۾ هارديڪ پانڊيا به اليون جوحصو هوندو، ان صورت ۾ جيڪڏهن توهان ورون چڪرورتي کي به کيڏايو ته هڪ پيسر کي ڊراپ ڪرڻو پوندو، نه ته هارديڪ جي جاءِ تي ڪير ايندو؟
You might also like