ڏکئي وقت ۾ پاڻ کي خدا جي گهڻو ويجهو محسوس ڪندي آهيان: يمنيٰ زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو فلم ناياب ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ يمنيٰ زيدي پنهنجي زندگي جي سخت تجربن تان پردو کڻي ڇڏيو.
يمنيٰ زيدي معياري ڪم سبب ڊراما انڊسٽري ۾ جلد پنهنجو هڪ الڳ هنڌ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي، تنهن هوندي ڪاميابي جي ان سفر ۾ اداڪارا ڪيترين ئي رنڊڪن ۽ سخت تجربن کي منهن ڏنو.
هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ان مشڪل دور بابت ڳالهائيندي يمنيٰ زيدي ٻڌايو ته مشڪل وقت ۾ پاڻ کي خدا جي گهڻو ويجهو محسوس ڪندي آهيان.
اداڪارا ٻڌايو منهنجو والد جلد مون کان جدا ٿي ويو، ان جي وفات بعد زندگي تمام گهڻي بدلجي وئي، مونکي ان ڏک الله جي ويجهو ڪري ڇڏيو.
يمنيٰ زيدي چيو ته تلخ تجربن ۽ سخت روين جي ڪري ٿيندڙ بيچيني ۽ دٻاءُ توهان کي روحانيت جي راهه تي وٺي ويندا آهن، جتي دل کي حقيقي سک ۽ سڪون ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.