محمد رضوان ٽه ملڪي سيريز جي فائنل نيوزيلينڊ هٿان شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته 280 رنسون اسڪور ڪرڻ چاهيون پيا، پر ڪيوي بالرن بيٽرن کي دٻاءُ ۾ رکيو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان جو 243 رنسن جو هدف ڪيويز 46 هين اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته هو 280 رنسون ڪرڻ چاهين پيا، پر نيوزيلينڊ جي بالرن بيٽرز تي دٻاءُ رکيو.
هن چيو ته فيلڊنگ واري شعبي ۾ خاميون آهن، جنهن ۾ بهتري جي ضرورت آهي.
نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر فائنل ۾ ٽيم جي ٽنهي شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي کي فتح جو سبب قرار ڏيندي چيو ته سيريز ۾ سمورن رانديگرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، جيڪو چيمپيئنز ٽرافي جهڙي ايونٽ کان هنن لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي، افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.