ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس کي ويلنٽائن ڊي تي محبت ڀريو خط ۽ قيمتي تحفو مليو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 200 ڪروڙ جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪيش چندر شيکر، جيڪو ماضيءَ ۾ جيڪولين سان مبينا لاڳاپن ۾ رهيو، کيس ويلنٽائن ڊي تي خط سان گڏ هڪ شاندار تحفو اُماڻيو.
چندر شيکر، جيڪو 2015ع کان جيل ۾ آهي، اڪثر جيڪولين ڏانهن خط لکندو آهي، پر هن دفعي ويلنٽائن ڊي تي هن اداڪارا کي قيمتي نجي جهاز تحفي ۾ ڏنو.
رپورٽن موجب، سڪيش جيڪولين کي لکيو”مان توسان تمام گهڻي محبت ڪيان ٿو، تو ڄاڻين ٿي ته اسان لاءِ ويلنٽائن ڊي ڪيترو خاص آهي، ڇو ته ان ڏينهن اسان هڪٻئي کي مڪمل طور قبول ۽ معاف ڪيو هو.“
سڪيش خط ۾ ٻڌايو ته جهاز جو رجسٽريشن نمبر جيڪولين جي پيدائش جي تاريخ مطابق رکيو ويو آهي. هن اهو به لکيو ته هو هي تحفو پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز ۾ ظاهر ڪندو.
سڪيش چندر شيکر ڪير آهي
ڀارتي ميڊيا موجب، جيڪولين تي سڪيش کان مهانگا تحفا وٺڻ جا الزام آهن، جڏهن ته چندر شيکر تي ڪروڙين رپين جي فراڊ ۽ ڀتو وٺڻ جا الزام آهن.
2021 ۾ جڏهن جاچ اداري انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ سندس خلاف جاچ شروع ڪئي، تڏهن جيڪولين سان سندس لاڳاپا به سامهون آيا.
سڪيش دعويٰ ڪئي ته هو جيڪولين کي ڊيٽ ڪري رهيو هو، جنهن جون ڪجهه تصويرون به وائرل ٿيون، پر اداڪارا اهڙين دعوائن کي رد ڪندي چيو ته سڪيش کيس دوکو ڏنو ۽ پاڻ کي شريف ڪاروباري شخصيت طور ظاهر ڪيو.
ان کانسواءِ، جيڪولين سڪيش تي ڌمڪائڻ ۽ هيسائڻ جا الزام لڳائي چڪي آهي.
اداڪارا سڪيش جي پيغامن جي روڪٿام لاءِ درخواست داخل ڪرائي، پر ان باوجود پيغامن ۽ خطن جو سلسلو جاري آهي.