ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حڪومتي قرض جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بينڪ موجب، دسمبر 2024 ۾ حڪومت 1284 ارب رپين جو قرض ورتو، جنهن بعد مجموعي قرض 71647 ارب رپيا ٿي ويو.
رپورٽ موجب، دسمبر 2023 کان دسمبر 2024 تائين حڪومتي قرض ۾ 9.9 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته مقامي قرض 17.1 سيڪڙو واڌ سان 49883 ارب رپيا ٿي ويو.
بئنڪ موجب، سال 2024 ۾ حڪومت جو پرڏيهي قرض 3.7 سيڪڙو گهٽجي 21764 ارب رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پهرين ڇهه ماهيءَ دوران مقامي قرض 2723 ارب ۽ پرڏيهي قرض 10 ارب رپيا وڌيو آهي.
Next Post
You might also like