نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ڀارت جي دوري ۽ چيمپئنز ٽرافي جي تيارين بابت ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو آهي ته رانديگرن جي تياري بابت دعوائون حقيقتن جي ابتڙ آهن.
ڀارت خلاف ون ڊي سيريز دوران روي شاستري ۽ ڪيون پيٽرسن دعويٰ ڪئي ته جوءِ روٽ کانسواءِ انگلش رانديگرن نيٽ پريڪٽس نه ڪئي، جڏهن ته انگلينڊ رڳو پهرين ميچ کان اڳ ناگپور ۾ ٽريننگ ڪئي.
انگلينڊ کي ڀارت خلاف ون ڊي سيريز ۾ 3-0 ۽ ٽي-20 سيريز ۾ 4-1 سان شڪست ملي، جڏهن ته انجري سبب جيڪب بيٿل چيمپئنز ٽرافي مان به ٻاهر ٿي ويو.
ميڪلم چيو ته رانديگر اڳ ئي گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي چڪا آهن ۽ اسان انجريز کان بچڻ لاءِ احتياط ڪري رهيا آهيون.
انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر به چيو ته ناقص ڪارڪردگي جو سبب ڪوشش جي کوٽ نه هو، رانديگر محنت ڪري رهيا آهن ۽ سٺو کيڏڻ لاءِ پرجوش آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like