بمرا چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ” پاڪستان کي ڀارت کي هارائڻ جو اهڙو موقعو وري نه ملندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سوشل ميڊيا تي گوتم گمڀير کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مداحن جو خيال آهي ته بمرا جي غير موجودگيءَ ۾ محمد سراج بهترين متبادل ٿي سگهي پيو.
سراج کي نظرانداز ڪري هرشت رانا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ تي ڪرڪيٽ مداحن ۽ ماهرن کي سخت اعتراض آهي.
ڪيئي مداحن جو چوڻ آهي ته گوتم گمڀير پنهنجي آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي رانديگرن کي ڀارتي ٽيم ۾ موقعو ڏئي رهيو آهي، ڇو ته هرشت رانا ۽ ورون چڪرورتي ٻئي انهيءَ فرنچائز سان لاڳاپيل آهن.
يشسوي جئسوال کي نظرانداز ڪري ورون چڪرورتي کي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي به تنقيد ٿي رهي آهي، خاص طور تي جڏهن ٽيم اڳ ئي اڪشر پٽيل، ڪلدپ يادَو، واشنگٽن سُندر ۽ رويندرا جاڙيجا جهڙا اسپنر موجود آهن.
واهپيدارن موجب، بمرا جي نه هجڻ سان ڀارت جي بالنگ لائن ڪمزور ٿي وئي آهي، جنهن جو فائدو پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙيون ٽيمون وٺي سگهن ٿيون.
گورو پروهت نالي صارف لکيو ته ”هاڻي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ٽورنامينٽ جا فيورٽ آهن، جيڪڏهن بمرا موجود هجي ها ۽ ڪو تجربيڪار ڪوچ هجي ها ته ڀارت فيورٽ هجي ها.“
هڪ ٻئي مداح لکيو ته ”بمرا کانسواءِ ڀارت جي فاسٽ بالنگ ڪمزور ٿي وئي آهي، پاڪستان وٽ ڀارت کي هارائڻ جو بهترين موقعو آهي.“
هڪ صارف ايڪس تي پوسٽ ڪئي ته ”جيڪڏهن پاڪستان بهترين پليئنگ اليون ميدان تي لاهي ۽ بابر، شاهين، رضوان شاندار ڪارڪردگي ڏيکارين ته چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ جو هي بهترين موقعو هوندو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.