روس جي ڀارت کي جديد ففٿ جنريشن ويڙهاڪ جهاز فراهم ڪرڻ جي آڇ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ڀارت کي جديد ففٿ جنريشن ويڙهاڪ جهاز فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي ۽ ڀارتي اختيارين گذريل ڏينهن ٻڌايو ته روس طرفان ڀارتي فضائيا لاءِ جديد ففٿ جنريشن ويڙهاڪ جهاز ايس يو 57 ڀارت ۾ ئي تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
هٿيار برآمد ڪندڙ روس جي سرڪاري اداري روسو بورون ايڪسپورٽ جي ترجمان موجب جيڪڏهن ڀارت اها آڇ قبول ڪري ٿو ته ڀارت ۾ جهازن جي تياري هلندڙ سال کان ئي شروع ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي بچاءَ واري وزارت فوري طور تي ان حوالي سان ڪو ردعمل ناهي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.