عوام کي رليف، بجلي اگهن ۾ لاٿ ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي سستي ڪري ڇڏي.
نيپرا بجلي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 1.22 رپيا سستي هوندي، اها لاٿ فيبروري جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي.
نيپرا چيو آهي ته ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ باقي ڊسڪوز جي واهپيدارن لاءِ آهي ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي گهٽتائي لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.
هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ لاءِ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي هڪ رپيو 23 پيسا سستي ڪئي وئي، نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي رليف فيبروري جي بلن ۾ ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.