اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هوابازي واري وزارت کي الڳ وزارت طور ختم ڪري ڇڏيو.
هوابازي وزارت کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪيو ويو آهي، بچاءَ واري وزارت ڪابينا جي فيصلي ۽ ڪابينا ڊويزن جي ايس آر او تي عملدرآمد مڪمل ڪري ورتو.
بچاءَ واري وزارت هوابازي کي ضم ڪرڻ جو خط سڀني وزارتن ۽ ڊويزنز کي موڪلي ڇڏيو، فيصلو آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي به موڪليو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا 14 جنوري 2025 تي هوابازي وزارت کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان 4 فيبروري 2025 تي ايس آر او جاري ڪيو هو.
خط جي متن موجب هاڻ هوابازي بابت سڀني معاملن لاءِ بچاءَ واري وزارت سان رابطو ڪيو وڃي.
You might also like