نفسياتي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اي آئي ٽيڪنالاجي جي انساني تجربي ۽ حقيقي فهم جي کوٽ عوام ۾ ان جي اخلاقيات بابت فيصلي جي قبوليت کي محدود ڪري سگهي ٿي.
آرٽيفيشنل مورل ايڊوائزرز (AMAs) هٿرادو ذهانت تي ٻڌل نظام آهي جيڪو قائم ٿيل اخلاقي نظرين، اصولن يا رهنمائي ڪندڙ خطن تي ٻڌل اخلاقي فيصلا ڪرڻ ۾ انسانن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
جيتوڻيڪ ان جا پروٽوٽائپس تيار ڪيا پيا وڃن پر AMAs کي اڃا تائين لڳاتار، تعصب کان پاڪ سفارشن ۽ عقلي اخلاقي مشورا پيش ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪيو وڃي.
يونيورسٽي آف ڪينٽ جي اسڪول آف سائيڪالوجي جي سربراهي ۾ ڪيل تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ اي آئي سان هلڻ واريون مشينون پنهنجي ٽيڪنيڪي صلاحيتن جي واڌ ڪنديون آهن ۽ اخلاقي ڊومين ۾ منتقل ٿينديون آهن. اسان کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ماڻهو اهڙي هٿرادو اخلاقي صلاحڪارن بابت ڪهڙي سوچ رکن ٿا.
ماهرن لڌو ته جيتوڻيڪ هٿرادو ذهانت ۾ غير جانبداراڻا ۽ عقلي مشورا ڏيڻ جي صلاحيت ٿي سگهي ٿي پر ماڻهو اڃا به اخلاقيات جي معاملي ۾ ان تي مڪمل اعتماد نٿا ڪن.