گڙدا انسان جي جسم ۾ پاڻي واري فلٽر وانگر ڪم ڪندا آهن.
پاڻي وارو فلٽر پاڻي مان اهي شيون ڪڍندو آهي جيڪي اسان جي جسم لاءِ نقصانڪار هونديون آهن ۽ اسان جا گردا به اهو ئي ڪم ڪندا آهن.
گڙدا رت کي فلٽر ڪندا آهن جنهن دوران زهريلا مادا ۽ واڌو گند ڪچرو جسم مان نڪري ويندي آهي جڏهن ته پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ٻين جزن جي سطح کي به برقرار رکندا آهن.
ان سان گڏ گردا اهڙا هارمونز به ٺاهيندا آهن جيڪي بلڊ پريشر کان وٺي هڏين جي مضبوطي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. سڌي ڳالهه ڪجي ته گردا تمام اهم ڪم ڪن ٿا.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هڪ اندازي موجب دنيا ۾ هر ڏهن مان هڪ ماڻهو گڙدن جي بيمارين جو شڪار ٿيندو آهي؟ هي بيماري نه رڳو تڪليف ڏيندڙ، پر ڪڏهن ڪڏهن موتمار به ٿي سگهي ٿي. پر خوشقسمتي سان، جيڪڏهن ڪجهه سولين عادتن تي عمل ڪيو وڃي ته گڙدن کي صحت مند رکڻ ممڪن آهي.
صحت مند خوراڪ جي چونڊ
گردا اسان جي جسم ۾ ايندڙ هر شيءِ کي فلٽر ڪندا آهن، ان ڪري جيڪڏهن اسان ضرورت کان وڌيڪ لوڻ، کنڊ ۽ چرٻي وارين شين جو استعمال ڪنداسين ته انهن تي دٻاءُ وڌي ويندو. ان جي ابتڙ، ميوا، سايون ڀاڄيون، ۽ اناج تي ٻڌل خوراڪ گڙدن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.
لوڻ جي مقدار ۾ احتياط
جيتوڻيڪ لوڻ جسم لاءِ ضروري آهي، پر ان جو وڌندڙ مقدار گڙدن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. گهڻو لوڻ هاءِ بلڊ پريشر ۽ پيشاب ۾ پروٽين جي واڌ جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو گردن لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي.
پاڻي گهڻو پيئو
پورو پاڻي نه پيتو ته گردن ۾ فلٽرز ڪمزور ٿي سگهن ٿا، جنهن سان گردن ۾ پٿري ۽ انفيڪشن جو امڪان وڌي ويندو. مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ جسم مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ورزش ضرور ڪيو
روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 60 منٽ جي ورزش نه رڳو شگر ۽ دل جي بيمارين کان بچائيندي، پر گردن جي صحت لاءِ به بهترين هوندي. ورزش سان رت جي رواني بهتر ٿيندي، جيڪا گردن جي فنڪشن لاءِ تمام ضروري آهي.
سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو ڪيو
سگريٽ نوشي نه رڳو گردن لاءِ تباهه ڪندڙ آهي، پر ان سان گردن جي ڪينسر جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
بنا ضرورت جي دوائون نه کائو
دردن لاءِ ورتل عام دوائون، خاص طور تي پين ڪلرز ۽ اينٽي بايوٽڪس، گهڻي مقدار ۾ ورتيون وڃن ته گردن کي سست ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري ڪنهن به دوا جو استعمال ڊاڪٽر جي مشوري کانسواءِ نه ڪيو.
گڙدن جو معائنو ضرور ڪرايو
جيڪڏهن توهان جي خاندان ۾ ڪنهن کي شگر، هاءِ بلڊ پريشر يا گڙدن جي بيماري رهي آهي، ته لازمي طور تي هر سال هڪ ڀيرو گڙدن جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن. وقت سر سڃاڻپ ٿيڻ سان وڏين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.
گڙدا صحتمند ته توهان صحتمند
گردا جسم لاءِ چپ چاپ سپاهين وانگر ڪم ڪندا آهن، جيڪي اسان جي صحت لاءِ انتهائي اهم آهن. جيڪڏهن توهان مناسب خوراڪ، ورزش، ۽ صحتمند عادتون اپنائيندا ته گڙدن کي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رکي سگهجي ٿو.