”اُروَشِي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا“ اداڪارا جي گاني تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا اُروَشِي روٽيلا کي پنهنجي نئين فلم ”ڊاڪو مهاراج“ جي هڪ گاني ۾ ڊانس سبب سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
اروشي روٽيلا ۽ ننداموري بالا ڪرشنا جي فلم جي گاني ”دابيدي ڊبيدي“ جي ڊانس اسٽپس کي سوشل ميڊيا واهپيدارن غير اخلاقي قرار ڏئي ڇڏيو.
گاني جي وڊيو ۾ 64 ورهين جي اداڪار بالا ڪرشنا سان اروشي روٽيلا جي ڪجهه منظرن تي ماڻهن اعتراض ڪندي ان کي فحش قرار ڏنو.
سخت تنقيد کان پوءِ اروشي روٽيلا وضاحت ڪندي چيو ته هن ڪجهه به غير معمولي نه ڪيو ۽ کيس اهڙي ردعمل جي اميد نه هئي.
هن چيو ته دابيدي ڊبيدي گانو بالا ڪرشنا جي مداحن لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ ان جا ٻول به سندن سوچ پٽاندڙ لکيا ويا هئا.
اروشي وڌيڪ چيو ته جڏهن ماڻهو منهنجا ريهرسل وارا ڪلپس ڏسندا ته کين سمجهه ۾ ايندو ته سڀ ڪجهه بهترين طريقي سان ٿيو.
سندس چوڻ هو ته هي گانو ڪنهن به عام گاني جيان هو، مان ڪوريئوگرافر شيکر سان ڪم ڪري رهي هيس، جنهن سان اڳ به ٽن فلمن ۾ گڏجي ڪم ڪري چڪي آهيان.
اداڪارا چيو ته مون کي اندازو نه هو ته ماڻهو ڊانس بابت اهڙي راءِ ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته ريهرسل دوران سڀ ڪجهه پلاننگ موجب هو، پر پوءِ اوچتو ئي اوچتو صورتحال بدلجي وئي. اسان کي اميد هئي ته هاڪاري ردعمل ملندو، پر ماڻهن جي تبصرن تي حيران آهيان.
اروشي چيو ته هوءَ اصلاحي تنقيد کي قبول ڪندي آهي، پر ان کي پنهنجي ڪم تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندي.
ياد رهي ته دابيدي ڊبيدي گاني ۾ بالا ڪرشنا جا مشهور ڊائلاگ پڻ شامل آهن.
گاني کي واگديو ڳايو، جڏهن ته ان جا ٻول ڪيسارلا شيام لکيا ۽ موسيقي ايس ٿامن ترتيب ڏني.
فلم ڊاڪو مهاراج هلندڙ سال 12 جنوري تي رليز ڪئي وئي، جنهن جي هدايتڪار بيڪولي آهي.
فلم ذريعي بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول تيلگو فلم انڊسٽري ۾ انٽري ڪئي، جنهن ۾ هن ولن جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.