لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين شاهه جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويو.
چانڊڪا ميديڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين شاهه جي مبينا آپگهات ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، ڊاڪٽر نوشين ۽ ڊاڪٽر نمرتا جي جسم مان ملندڙ ڌارئي ڊي اين اي جا سيمپل هڪ ئي مرد جا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽ موجب نمونن ۾ هڪ مرد جو ڊي اين اي مليو آهي، جيڪو 2019 ۾ نمرتا ڪماري جي حاصل ڪيل نمونن جي ڊي اين اي ۾ به موجود هو، نمرتا ڪماري جو لاش لاڙڪاڻي جي ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي روم مان مليو هو، جنهن تي ڳلي تي نشان هئا.
ڄامشوري جي فرانزڪ ۽ ماليڪيولر ليبارٽري ڊاڪٽر نوشين جي ڊي اين اي سيمپل جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، رپورٽ موجب ڊي اين اي لاءِ ڊاڪٽر نوشين جي جسم، ڪپڙن ۽ ڳلي ۾ ڦاهي واري رسي جا نمونا ورتا ويا، جسم ۽ ڪپڙن مان ملندڙ نمونن جو هڪ ڊي اين اي ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي جسم ۽ ڪپڙن سان ملندڙ ڊي اين اي سان مشابهت رکي ٿو، مشابهت رکندڙ ڊي اين اي هڪ مرد جو آهي، جنهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي سفارش ڪئي وئي آهي ته اهڙو مرد جيڪو گرلز هاسٽل سان سلهاڙيل هجي يا وري ان جو هاسٽل ۾ اچڻ وڃڻ هجي، اهڙن ماڻهن جي رت جا نمونا وٺي جاچ لاءِ موڪليا وڃن.
You might also like